اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرم ضلعي ۾ معصوم شهرين بشمول عورتن ۽ ٻارن جي قافلي تي شرپسندن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصرن جي ملڪ جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سمورين ڪڌين ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين، معصوم شهرين جي قافلي تي حملو حيوانيت جي برابر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ??ارجي ويل ماڻهن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ??ئي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هد??يت ڪئي. وزيراعظم حملي آورن جي نشاندهي ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي پڻ هد??يت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ملڪ جي امن جي دشمنن معصوم شهرين جي قافلي تي حملو حيوانيت جي برابر آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ دشمن عنصرن جي ملڪ جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سمورين ڪڌين ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين. وزيراعطم چيو ته واقعي ۾ ملوث شرپسند عنصرن جي نشاندهي ڪري انهن کي مثالي سزا ڏني ويندي، تخريبڪار اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان بهادر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته شرپسند عنصر جيڪي معصوم شهرين جو رت وهائين ٿا، اهي مسلمان ته ڇا انسان سڏرائڻ جي به لائق نه آهن.
وزيراعظم پاران ڪرم ۾ عورتن ۽ ٻارن جي قافلي تي شرپسندن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر