اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ٽيڪسيشن، توانائي ۽ سرڪاري ملڪيتي ادارن ۾ وسيع بنياد تي سڌارن جي عمل کي جاري رکڻ ۽ مجموعي قومي پيداوار جي شرح سان ٽيڪس جي شرح کي 13.5 سيڪڙو تائين وڌائڻ ل??ءِ پرعزم آهي، ٽيڪس ليڪيجز جي خاتمي ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙ شعبن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ ل??ءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن هتي پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت ايف بي آر ۾ سڌارن ۽ تبديلين جي جامع منصوبابندي جي منظوري ڏني آهي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي م??ام??ن ۽ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير چيو ته ڪلي معيشت جي استحڪام تي ڪم جاري آهي، هن موسمي??تي تبديلين ۽ ٻارن جي واڌ ويجهه جي سنگين چئلينجن جو حوا??و ڏيندي چيو ته ان سان اڻبرابري ۾ اضافو ۽ وچولي مدي کان ڊگهي مدي تائين معاشي ترقي ۽ استحڪام جي رفتار متاثر ٿي سگهي ٿي، هن چيو ته پاڪستان جامع ۽ همه گير ترقي??تي هدفن کي يقيني بڻائڻ ل??ءِ ترقي??تي حصيدارن جي فني ۽ مالي مدد سان موسمي??تي مناسبت جي ڏس ۾ سڌارن ۽ غذائي کوٽ کي روڪڻ ل??ءِ تعاون جو منتظر آهي. آمريڪي سفير ڪلي معيشت جي استحڪام کي بهتر بڻائڻ ل??ءِ پاڪستان جي ڪوششن خاص طور تي ٽيڪسيشن ۽ توانائي جي شعبن ۾ چئلينجنگ ۽ جرئتمنداڻا سڌارا شروع ڪرڻ جي واکاڻ ڪئي. هن فني ۽ ترقي??تي قدمن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقي ل??ءِ اعليٰ معيار جي آمريڪي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ملڪ ۾ وسيع بنياد تي سڌارا جاري رکڻ، ٽيڪس شرح کي 13.5 سيڪڙو تائين وڌائڻ لاءِ پرعزم آهيون: وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار