اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) اڳوڻي نگران ??زيراعظم سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم( ايس سي او) سربراهي اجلاس 2024ع هڪ گهڻ ??خي مصروفتين جو پل??ٽ فارم آهي ۽ پاڪستان علائقائي رابطن، سلامتي، اقتصادي سهڪار ۽ ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. شنگهائي تعاون تنظيم 2024ع جي موقعي تي پاڪ چائنه فرينڊشپ سينٽر جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ??اءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن سان ??جي ڳالهين ۽ ملاقاتن جو موقعو آهي. هن چيو ته سمورن شريڪ ملڪن جي سربراهن وچ ۾ علائقائي چيلنجن تي ڳالهه ٻولهه جو هڪ بهترين موقعو به آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڀارت ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ هڪ وڏو ملڪ آهي پر في الحال اسان جو ڌيان سڄي خطي تي آهي. هن چيو ته پاڪستان صرف هندوستان تي ڌيان ??اهي ڏئي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته اسان جو ميمبر ملڪن جي سربراهن خاص طور تي چين ۽ روس جي وزيراعظمن سان ??ڏيون مصروفتيون آهن. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ ان??ار الحق ڪاڪڙ ڏکڻ ايشيائي ملڪن وچ ۾ اقتصادي خوشحالي ۽ رابطن لاءِ علائقائي ملڪن جي مفاد ۾ سارڪ جهڙي ٻين علائقائي فورمز کي فعال ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو. هن چيو ته اولهه وارن ملڪن معيشت، واپار، گڏيل ثقافتي سرگرمين ۾ سهڪار لاءِ يورپي يونين جهڙا ڪيترائي پل??ٽ فارمز قائم ڪيا آهن، ان ??اءِ هن قسم جو سهڪار هن خطي ۾ به قائم ٿيڻ گهرجي ۽ جنهن لاءِ سارڪ جهڙو پل??ٽ فارم گهڻو اهم آهي.
ايس سي او سربراهي اجلاس گهڻ رخي مصروفتين جو پليٽ فارم آهي: انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری