راولپنڊي – 26 – آگسٽ (اي پي پي) ??اڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان چين جي هٿياربند فوج جي سربراهه لي ڪيائو منگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي مع??مل?? ۽ فوجي تعاون مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر موجب پيپلز لبريشن آرمي گرائونڊ فورسز جي ڪمانڊر جنرل لي ڪيائو منگ جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي مع??مل?? تي تفصيلي غور ڪيو ويو، علائقائي سلامتي، فوجي تربيت ۽ دفاع جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي مع??مل?? تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئ?? وئي. آرمي چيف ??نهي ملڪن جي فوجن جي وچ ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. مهمان شخصيت دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پاڪستان جي موثر ڪوششن کي ساراهيو، چيني ڪمانڊر ??اڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ جذبي کي پڻ ساراهيو. آرمي چيف چيني ڪمانڊر جا ٿورا مڃيا. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته دفاعي تعاون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچاري جي علامت آهي، پاڪستان چين سان پنهنجي مضبوط تعلق کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ان موقعي تي چيني ڪمانڊر جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا. جي ايڇ ڪيو اچڻ تي چيني ڪمانڊر کي ??اڪ فوج جي دستي سلامي پڻ پيش ڪئي.
پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان چين جي هٿياربند فوج جي سربراهه جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد