اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 2024ع جون عام چونڊون ڪامياب منعقد ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته دعا آهي ته هي چُونڊُون پاڪ??تا?? جي روشن ۽ خوشحال مستقبل جي نويد ثابت ٿين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ڪامياب چونڊون منعقد ٿيڻ تي پوري قوم جا ٿورا مڃان ٿو، آئون اليڪشن ڪميشن آف پاڪ??تا??، نگران صوبائي حڪومتن، هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، چونڊ عملي، ميڊيا ۽ انهن سمورن ادارن ۽ ماڻهن جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو جن آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته هي اهم موقعو نه رڳو اسان جي جمهوري عمل جي استحڪام ۽ مض??وطي پر پاڪ??تا??ي عوام جي ناقابل تسخير جذبي جو پڻ ثبوت آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي عوام جي ش??ڪت ۽ جوش ان جمهوري عمل جو سنگ بنياد رهيو آهي، ووٽرن جو وڌيڪ ٽرن آئون اسان جي ملڪ جي مستقبل جي لاءِ عوامي عزم جو واضح اشارو آهي. هن چيو ته ووٽ جي ذريعي راءِ جي حق جي اظهار سان اسان جي جمهوريت مض??وط ٿيندي ۽ ان جي لاءِ پاڪ??تا??ي عوام تحسين مستحق آهي. نگران وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچ??تا?? ۾ دهشتگردي جي ڪجهه واقعن جي باوجود سڄي ملڪ ۾ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، ايل اي اي، سويلين ايڊمنسٽريشن ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪ??تا?? جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پنهنجي فرضن سان انهن جي اڻٿڪ وابستگي چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا??ي عوام مشڪلاتن کي منهن ڏيندي غيرمعمولي همٿ ۽ عزم جو مظاهرو ڪيو آهي، دهشتگردي جي تازون واقعن جي باوجود عوام جو جذبو ۽ چونڊ عمل ۾ انهن جي ش??ڪت اسان جي ملڪ کي عدم استحڪام ۾ آڻڻ جي لاءِ سرگرم قوتن جي خلاف هڪ طاقتور بيان آهي. هن چيو ته هي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان جي گڏيل خواهش جي عڪاسي ڪري ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر آئون هن تاريخي ڪاميابي تي قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، دعا آهي ته هي چُونڊُون پاڪ??تا?? جي روشن ۽ خوشحال مستقبل جي نويد ثابت ٿين.
عام چونڊون ڪامياب منعقد ٿيڻ تي قوم کي مبارڪُون هُجن، دعا آهي ته هي چُونڊُون پاڪستان جي روشن ۽ خوشحال مستقبل جي نويد ثابت ٿين: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔