اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي موشن پڪچرز (ترميمي) بل 2023ع تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته آئين، قانون ۽ جمهوريت جي اصولن سان گڏ ??يٺل آه??ان، بل تي سينيٽ جيڪو به فيصلو ڪندو، ان جو احترام ڪنداسين. سينيٽ جي اجلاس ۾ موشن پڪچرز ترميمي بل 2023ع پڻ ايجنڊا ۾ شامل هو. سينيٽر رضا رباني نگران حڪومت پاران بل پيش ڪرڻ تي اعتراض ڪيو. جنهن تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته اها ڳالهه وضاحت سان چوڻ چاهيان ٿو ته منهنجي 63 سال عمر آه?? ۽ سڄي زندگي آئين ۽ قانون سان گڏ ??يٺل رهيو آه??ان ۽ ان ۾ ڪڏهن به فرق نه ايندو، سينيٽ جيڪو به فيصلو ڪري ان جو احترام اسان سڀني تي لازمي آه??. هن چيو ته بل جي تياري تي ڪيترو عرصو لڳي ٿو سينيٽ جي ميمبرن کي ان جي چڱي ريت ڄاڻ آه??، هي بل اسان وٽ اچڻ کان اڳ اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ پڻ غور هيٺ رهيو. هن چيو ته قانون واري وزارت ۽ ليگل برانچ مون کي اهو ئي مشورو ڏنو ته توهان موشن پڪچرز (ترميمي) بل 2023ع سينيٽ ۾ پيش ڪريو ان لاءِ آئون حاضر ٿيو آه??ان پر ان تي چيئرمين ۽ سينيٽ جيڪو به فيصلو ڪندا آئون ان جو احترام ڪندس. چيئرمين چيو ته جيڪڏهن ان ۾ ڪو فوري نوعيت جو معاملو نه آه?? ته ان کي چونڊيل حڪومت جي اچڻ تائين التوا ۾ رکيو وڃي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هي بل هونئن به ڪميٽي ۾ وڃڻو هو ۽ جيئن ته قومي اسيمبلي موجود نه آه??، فوري طور تي قانون نٿو ٺهي سگهي ان لاءِ جيڪو به فيصلو توهان ڪندا ان جو احترام ڪيو ويندو. ان کانپوءِ چيئرمين ان معاملي تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ان تي اٽارني جنرل سان به مشاورت ڪئي ويندي ۽ جمعي ڏينهن ان تي فيصلو ڪيو ويندو.
سينيٽ چيئرمين پاران موشن پڪچرز (ترميمي) بل 2023ع تي غور ملتوي
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک