اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر بين الاقوامي اسلامي ??ون??ورسٽي اسلام آباد ڊاڪٽر هذال حمود العتيبي تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي ??نڌي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن سميت معياري تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ انتهاپسنديءَ جي حوصله شڪنيءَ ۾ تعليمي ادارن جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ جامعه جي نائب صدر ايڊمنسٽريشن اينڊ فنانس ڊاڪٽر نبي بخش جماڻي پڻ موجود هو. تعليم واري وزير معاشري جي تعمير ۽ خدمتن ۾ ??ون??ورسٽين جي ڪردار کي ساراهيندي ??ون??ورسٽيءَ کي وڌ کان وڌ تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ??ون??ورسٽيون انتهاپسنديءَ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ??يون. هن اميد ظاهر ڪئي ته اسلامي ??ون??ورسٽي بهترين پليٽ فارم هئڻ جي ناتي حضور اڪرم صلي ??لله عليه وآله وسلم جي سيرت تي ڪانفرنس منعقد ڪري. ??ون??ورسٽيءَ جي صدر چيو ته ??ون??ورسٽي جلد ئي وزارت جي تعاون سان ان ڪانفرنس جو شيڊول بڻائيندي. هن اهو ٻڌايو ته ??ون??ورسٽي ايندڙ ڏينهن ۾ هڪ ٻي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪندي، جنهن ۾ امام ڪعبه شرڪت ڪندو. هن ??ڌيڪ چيو ته ??ون??ورسٽي جي انتظام هيٺ ليگ آف اسلامڪ ??ون??ورسٽيز جي هڪ ٻي ڪانفرنس تي ڪم پڻ جاري آهي جنهن ۾ رابطه عالم اسلامي ليگ جو سربراهه شرڪت ڪندو. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي لاڳاپن جي باري ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ شاندار ڀائراڻي تاريخ رکن ٿا. هن ??ڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن سعودي عرب جي حڪومت جي ويزن جي به تعريف ڪئي ۽ چيو ته خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. ??ون??ورسٽي ءَجي صدر چيو ته شاگردن جي سهولت لاءِ ڊجيٽلائيزيشن، فاصلاتي تعليم ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي حوالي ??ان ??ون??ورسٽي جي قدمن کان آگاهه ڪيو. صدر ا?? عزم جو اظهار ڪيو ته هو اعليٰ تعليم ۾ بهتريءَ لاءِ وزير جي رهنمائيءَ ۾ وزارت سان تعاون وڌائڻ لاءِ پهرين صف ۾ شامل هوندو. ڊاڪٽر هذال ٻُڌايو ته گذريل 3 سالن ۾ ??ون??ورسٽي درجابندي ۾ بامعنيٰ ترقي ڪئي آهي. ??ون??ورسٽيءَ جي صدر وزير تعليم کي ??ون??ورسٽي جي دؤري جي دعوت ڏني جنهن کي هن ??بول ڪيو ۽ ??ون??ورسٽيءَ جي جاري اڳڀرائيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان صدر بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ڊاڪٽر هذال حمود العتيبي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن