اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي، ته ملڪ ۽ قوم جو تحفظ ۽ م??ڪ ۾ عوام لاءِ محفوظ ماحول کي برقرار رکڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق اهڙو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ۾ سلامتي جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگ??ان وفاقي وزيرن سرفراز احمد بگٽي، شاهد اشرف تارڙ، سميع سعيد، بلوچستان جو نگ??ان وڏو وزير علي مردان خان ڊومڪي ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم سلامتي بابت معاملن ۾ صوبائي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته تحفظاتي معاملن ۾ رياستي رد عمل کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قانوني ڍانچي کي و??يڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وسيلن کي اث??ائتي طريقي سان ڪتب آڻڻ لاءِ جديد ۽ فني حڪمت عملي جوڙڻ اڻٽر آهي.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2