اسلام آباد – 12 – جول??ءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نائنٿ ايونيو ۽ خيابان اقبال جي سنگم شاهين چوڪ تي فلائي اوور جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم فلائي اوور جي پيڙهه جو پٿر رکيو. تقريب ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ حنيف عباسي، سي ڊي اي چ??ئرمين نورالامين مينگل ۽ راولپنڊي، اسلام آباد سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. سي ڊي اي چ??ئرمين وزيراعظم کي من??وب?? بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ان من??وب?? جي مڪمل ٿيڻ سان ٽريفڪ جي رواني ۾ آساني ٿيندي ۽ شاهين چوڪ هڪ سگنل فري چ??ڪ بڻجندو، من??وب?? تي 2 ارب لاڳت ايندي. شروعاتي طور تي ان من??وب?? جي مڪمل ٿيڻ جو مدو 8 مهينا مقرر ڪيو ويو هو پر وزيراعظم جي هدايت تي ان کي 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. شاهين چوڪ فلائي اوور، اليونٿ ايونيو، مارگلا ايونيو، نائنٿ ايونيو ۽ سري نگر ه??ءِ کي پاڻ ۾ ڳنڍيندو.
وزيراعظم نائنٿ ايونيو ۽ خيابان اقبال جي سنگم شاهين چوڪ تي فلائي اوور جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن