اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪمانستان تاپي گئس پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد منصوبي جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته وزيراعظ۾ م??مد شهباز شريف چيو آهي ته تاپي خطي جي خوشحالي لاءِ اهم منصوبو آهي، منصوبي سا?? خطي کي قدرتي گئس جي فراهمي ممڪن ٿيندي، عالمي صورتحال جي ڏس ۾ توانائي جي فراهمي هڪ وڏو چئلينج آهي، ان منصوبي سا?? علائقائي تعاون ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تاپي گئس پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد منصوبي جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صحيحن واري تقريب ڪالهه خميس ڏينهن هتي منعقد ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان پاران پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ ترڪمانست??ن جي مملڪتي وزير ۽ ترڪمن گئس جي چيئرمين ڪمسات بابائ??ف صحيحون ڪيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ هڪ وڏو ڏينهن آهي، پ??ڪستان ۽ ترڪمانستان تاپي گئس عملدرآمد منصوبي تي صحيحون ڪيون آهن. ??ن جي لاءِ ترڪمانست??ن جي صدر ۽ ??ن جي ٽيم جا ٿورائتا آهيون. تاپي هن پوري خطي جي خوشحالي جي لاءِ تمام اهم منصوبو آهي. هي منصوبو اشڪ آباد کان شروع ٿيندو ۽ افغانستان ۽ پاڪستان کان ڀارت تائين مڪمل ڪيو ويندو. ان سا?? هن خطي کي منصوبي تي ٺوس خاطرين ۽ گڏيل طور تي طئي ٿيل شرطن موجب قدرتي گئس حاصل ڪرڻ ۾ م??د ملندي. عالمي حالتن جي ڏس ۾ اڄ توانائي هڪ حقيقي چئلينج بڻجي چڪو آهي ۽ پاڪست??ن جهڙن اسرندڙ ملڪن کي ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس پاليسين ۽ فوري قدمن جي ضرورت آهي. تاپي سا?? علائقائي تعاون ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪندس ته ان منصوبي جي منصوبابندي ۽ عملدرآمد جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته ترڪمانست??ن جي وفد پاران پاڪست??ن جي دوري تي ٿورا مڃيندي چيو ته ان سا?? اسان کي اهو موقعو مليو آهي ته دنيا کي اهو يقين ڏياريون ته پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن اهم موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪمانست??ن جي پيٽروليم واري وزارت کي مبارڪباد ڏيان ٿو، ترڪمانستان پاڪستان دوستي زندهه آباد.
تاپي گئس پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد منصوبي جي معاهدي تي صحيحون، منصوبي سان علائقائي تعاون ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ