اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پر??يه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري شاگردن تي زور ڏنو آهي ته اهي معاشري جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. فضائيه ميڊيڪل ڪاليج جي ٻئي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي پر??يه?? وزير اميد ظاهر ڪئي ته ڪاليج مان فارغ ٿيندڙ شاگرد ?? شاگردياڻيون ملڪ جي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته پاڪستان سميت دنيا کي هن وقت موسمياتي تبديليون درپيش آهن، پاڪستان موزي ڪورونا وائرس جي وبا جو مقابلو بهتر طريقي سان ڪيو. سدائين ڪوشش ??هي ته ميڊيڪل جي شعبي ۾ بهتري آندي وڃي. پر??يه?? وزير چيو ته دنيا هن وقت ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي ??هي آهي. پاڪستان جي پر??يه?? پاليسي بهتري طرف گامزن آهي. موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن تي پوري دنيا پاڪستان سان گ?? بيٺل آهي. دنيا جو مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گ?? بيهڻ دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪندڙ ملڪ ترقي ڪندا. اسان جي سدائين کان ڪوشش ??هي آهي ته ملڪ ۾ طب جي شعبي کي بهتر بڻايو وڃي. هن فضائيه ميڊيڪل ڪاليج ۾ پاس ٿيندڙ سمورن گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته شاگرد پنهنجي روايتن ۽ قدرن کي ڪڏهن به نه وسارين. پر??يه?? وزير چيو ته پاس ٿيندڙ نوجوان ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته هر مشڪل توهان کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي. هن ان موقعي تي ميڊيڪل جي شاگردن کي سنڌ جي اسپتالن جي دوري جي پڻ دعوت ڏني.
شاگرد معاشري جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات