اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جه??ي اسرندڙ ملڪ کي علاج جون سهولتون مهانگيون هجڻ جي ڏس ۾ صحت جي حوالي سان ??حتياطي تدبيرن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته ڏندن جي ڊاڪٽرن کي وا?? جي صفائي بابت عوامي آگاهي جي ذريعي احتياطي ڏندسازي کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هو ”انٽرنيشنل اورل پيٿالوجي ۽ ايسٿيٽيڪ ڊينٽسٽري ڪانفرنس“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته علاج مهانگو هجڻ جي ڪري صحت جي احتياطي سارسنڀال وڌيڪ اهم آهي. اورل پيٿالوجي ڊينٽسٽ، پروفيسرز ۽ شاگردن تي ٻڌل ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن تي زور ڏيندي هن چيو ته ڏندن کي باقاعدگي سان ??رش ڪرڻ سان وا?? جي بيمارين کان ??ٽڪل 99 سيڪڙو بچاءُ ممڪن آهي، ان ??والي سان هن حديثن جو حوالو ڏيندي چيو ته رسول ڪريم ﷺ ڪثرت سان مسواڪ جي استعمال جي تلقين ڪئي آهي. صدر ڏندسازي جي شعبي ۾ پنهنجي ڪيريئر جي ڪاميابين بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو جنهن ۾ اورل هيلٿ بابت وڏي پئماني تي آگاهي مهم به شامل آهي. ڏندسازي جي اهميت تي روشني وجهندي هن ڏندن جي ڊاڪٽرن تي زور ڏنو ته اهي وا?? جي صفائي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ماڻهن سان ??ابطو قائم ڪن، هن ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا دوران ??مورين ڌرين جي تعاون سان هلايل ڪامياب مهم جو پڻ حوالو ڏنو. هن چيو ته پروفيشنل ڊاڪٽرن کي پنهنجي موقف کي نئرن سر ترتيب ڏيندي احتياطي صحت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن ماڻهن کي وا?? جي بيمارين کان ??چاءُ ۾ مدد ملي سگهي. ان موقعي تي صدر وا?? جي ڪينسر جي پهرين رجسٽري جو پڻ افتتاح ڪيو. هن چيو ته وا?? جي صحت سان گڏوگڏ وا?? جي ڪينسر جي روڪٿام تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن پان ۽ وا?? جي ڪينسر جو سبب بڻجندڙ ٻين نشي اور شين جي استعمال ۽ وڪري جي روڪٿام جي لاءِ قد??ن جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي صدر پاڪستان فيڊريشن آف ليزر ڊينٽسٽري جو پڻ افتتاح ڪيو ۽ ڪانفرنس جي منتظمين ۽ تعاون ڪندڙن ۾ شيلڊز ورهايون. ان کان ??ڳ پاڪستان ??وسائٽي آف اورل اينڊ ميڪسيلو فيشل پيٿالوجي (پي ايس او ايم)، فيڊرل زون جي صدر ڊاڪٽر جوهريه اظهر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان ??نهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي وا?? جي ڪينسر جي رجسٽري نه هئي. هن ان ??عبي ۾ نئين رجحانن تي غور ڪندي ليزر ۽ ڏندسازي جي اداري جي ضرورت تي پڻ روشني وڌي. هن چيو ته وا?? جي ڪينسر جي رجسٽري نيٽ ورڪ کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ حصيدارن سان ??صيداري قائم ڪرڻ کانسواءِ ملڪ ۾ بيماري جي ڊيٽا کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪندي. پي ايس او ايم پي جي صدر نعمان ??ئوف چيو ته هي ڪانفرنس پروفيشنلز جي نيٽ ورڪ کي وسيع ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ته جيئن اهي ان ??عبي ۾ نئين رجحانن تي ٻڌل ويزن کي اختيار ڪري سگهن. ان موقعي تي اسلام آباد وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي فوڪل پرسن نعيمه انصاري صنعتي امتياز کانسواءِ بنيادي صحت جي فروغ ۾ وومين چيمبر جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته چيمبر ڪاروباري ماڻهن سان گڏوگڏ لاڳاپيل پروفيشنلز جي حصيداري سان ??انداني منصوبابندي سميت توليدي صحت جي اهميت تي پڻ خاص ڌيان ڏنو آهي.
پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪ کي صحت جي حوالي سان احتياطي تدبيرن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria