اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري موريطانيا ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 49 هين اجلاس جي موقعي تي ڄم??ن ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ سعودي عرب، ترڪيءَ، نائجر، آذربائيجان ۽ ڪشميرين جي حقيقي نمائندي ۽ او آءِ سي جي آزاد مستقل ان??اني حقن واري ڪميشن (آئي پي ايڇ آر سي) شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير رابطا گروپ کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ ان??اني حقن جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن وضاحت ڪئي ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم ۽ ان جي نتيجي ۾ والاريل علائقي ۾ آبادياتي تبديلين جي ڪوششن سان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ صورتحال بگڙجي وئي آهي. هن چيو ته غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسائيل جاري ڪري ۽ اهڙا قانون ٺاهي جيڪي غيررهواسين کي ڀارتي غيرقانوني والاريل خطي ۾ زمين خريد ڪرڻ ۽ رکڻ جي اجازت ڏين ٿا، ڀارت ڪشميرين کي پنهنجي ئي سرزمين ?? هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اهي قدم عالمي قانون خاص طور تي چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي واضح خلاف ورزي آهي جيڪي قابض طاقت کي اهڙا قدم کڻڻ کان روڪي ٿو. رابطا گروپ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هڪ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو جنهن ۾ ڄم??ن ۽ ڪشمير جي تڪرار تي او آءِ سي جي موقف جي توثيق ڪئي وئي ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي سختي سان رد ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. پڌرنامي ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ ميمبر ملڪن کي درخواست ڪئي وئي ته عالمي فورمز تي ڪشمير جي منصفاڻي ڪاز جي لاءِ آوا?? اٿارين ?? ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ تي ڀارت کي جوابده قرار ڏين. رابطا گروپ ڀارت کان ان جي غيرقانوني طور تي والاريل خطي ۾ ان??اني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄم??ن ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ قدم کڻڻ جو پڻ مطالبو ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي موريطانيا ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین