اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ بر??انيا جا لاڳاپا تاريخ، گڏيل ميراث ۽ عوام سان عوام جي مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن، بر??انيا پاڪستان جو سڀ کان وڏو يورپي واپاري، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي ح??يد??ر آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي رفتا سان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ ترقي جا تمام گهڻا امڪان آهن. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم سان بر??انيا جي پاڪستان ۾ هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر وزيرا??ظم هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم پاڪستان ۽ بر??انيا جي لاڳاپن جي فروغ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ ڊاڪٽر ٽرنر جي خدمتن کي ساراهيو. وزيرا??ظم پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين سان ايندڙ ٻوڏ جي متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ بر??انيا جي تعاون ۾ بر??انوي هاءِ ڪمشنر جي فعال ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيرا??ظم انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي 17 سالن کانپوءِ پاڪستان جي دوري جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي هاءِ ڪمشنر جي ڪردار کي ساراهيو. وزيرا??ظم پاڪستان ۾ برٽش ايئر ويز جي ڪمرشل فلائيٽ آپريشن جي بحالي ۾ ان جي نمايان ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيرا??ظم هاءِ ڪمشنر جي لاءِ مستقبل ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن عهدو ڇڏ??ندڙ هاءِ ڪمشنر جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.
پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخ، گڏيل ميراث ۽ عوام سان عوام جي مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II