اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي چ??ئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چ??و آهي ته پاڪستان جو واحد پرڏيهي وزير آهيان جيڪو پنهنجي ٽڪيٽ پاڻ خريد ڪريان ٿو ?? هوٽل جو بل به پاڻ ئي ادا ڪريان ٿو. پريس ڪانفرنس دوران سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته آئون پنهنجي ٻاهرئين ملڪن جي خرچن جو بار قومي ناڻي تي نٿو وجهان. جيڪڏهن ائين ڪريان به ٿو ته بطور پرڏيهي وزير ??نه??جو استحقاق آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ??نه??جي ٻاهرئين ملڪ دورن جو فائدو ??نه??جي ذات کي نه پر پاڪستان جي عوام کي ٿيو آهي. سندس محنت جي ڪري پاڪستان فيٽف جي گري لسٽ مان ٻاهر نڪتو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته سندس دورن جي ڪري پاڪستان کي معاشي فائدا حاصل ٿيا آهن. پاڪستان هن وقت جي 77 يعني پوري دنيا جي اسرندڙ ملڪن جي اتحاد جي قيادت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان ڪوپ 27 ۾ تباهي جي ازالي کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرايو جيڪا پاڪستان سميت سمورن اسرندڙ ملڪن جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته توهان اسان جي جي 77 سڌارن جي دستاويز کي پڙ??و. دنيا جي سمورن اسرندڙ ملڪن مطالبو ڪيو آهي ته عالمي فنانشل ادارا امير ملڪن بدران غريب ملڪن کي فائدو ڏين.
پاڪستان جو واحد پرڏيهي وزير آهيان جيڪو پنهنجي ٽڪيٽ پاڻ خريد ڪريان ٿو: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ