اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (ا?? پي پي) ڊاڪٽر اسد مجيد خان کي نئون پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس موجب ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي نئين پرڏيهي سيڪريٽري طور مقرري ڪئي وئي آهي. هو پاڪستان فارن سروس جو سينيئر آفيسر آهي ۽ کيس پاڪستان جي 31 هين پرڏيهي سيڪريٽري طور نامزد ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر اسد مجيد خان نئين عهدي تي مقرري کان اڳ بيلجيئم، لڪسمبرگ ۽ يورپي يونين ۾ پاڪستان جي ??فير طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان 34 سالن تي ٻڌل پنهنجي ??فارتي ڪيريئر دوران ڪيتريون ئي اهم سفارتي ذميواريون ادا ڪيون آهن. هن آمريڪا ۾ ۽ جاپان ۾ پاڪستان جي ??فير طور تي پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. هو پرڏيهي ايڊيشنل سيڪريٽري (آمريڪا)، ڊائريڪٽر جنرل (آمريڪا)، ڊائريڪٽر جنرل (اولهه ايشيا)، آمريڪا ۾ پاڪستان جي ??بوري ناظم الامور، واشنگٽن ۾ پاڪستان جي ڊپٽي چيف آف مشن، صدارتي سيڪريٽريٽ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (پرڏيهي معاملا)، ڊائريڪٽر جنرل (گڏيل قومون) ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن ۾ منسٽر – قونصلر جي ??هدن تي به رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر اسد مجيد خان ڪيوشو يونيورسٽي جاپان مان انٽرنيشنل اڪنامڪ اينڊ بزنس لاء (ايل ايل ڊي) ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ۽ هو ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ ريسورس پرسن پڻ رهي چڪو آهي.
ڊاڪٽر اسد مجيد خان نئون پرڏيهي سيڪريٽري مقرر
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری