اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ق??يشي سان انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي لاءِ ج??هو??يه ڪوريا جي اميدوار ڪانگ ڪيونگ وا پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته بهترين سفارتڪار اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ سياستدان هجڻ جي ناطي توهان جو تجربو متاثر ڪندڙ ۽ ايشيا پيسفڪ ريجن سان تعلق رکندڙ تجربيڪار عورت اميدوار جي طور تي توهان آئي ايل او جي قيادت لاءِ مضبوط اميدوار آهيو، شاهه محمود ق??يشي چيو ته جنيوا ۾ گذريل مهيني ٿيل عوامي ٻڌڻي ۾ توهان جو موقف ۽ ترجيحن جو اظهار واکاڻ جوڳو آهي، ڪورونا وائرس جي عالم گير وبا دنيا جي معيشت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، جڏهن ته ملازم، مالڪ ۽ پورهيت ان وبائي مرض سان هڪجهڙا متاثر ٿيا، شاهه محمود ق??يشي چيو ته مناسب ترقياتي فنانسنگ ۽ ويڪسين ايڪويٽي، معاشي بحالي جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي، پاڪستان آءِ ايل او گورننگ باڊي جي ميمبر طور تي ان اهم عالمي ترجيحن لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندو. اسان اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايل او سان ترقياتي فنانسنگ، قرض کان ڇوٽڪارو، ويڪسين ايڪويٽي ۽ منصفاڻي عالمي مالياتي ڍانچي جي قيام، سماجي ۽ ??قت??ادي ??ڻبرابري جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي اميد رکون ٿا. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي لاءِ ج??هو??يه ڪوريا جي اميدوار ڪانگ ڪيونگ وا تعريفي جملن تي پرڏيهي وزير شاهه محمود ق??يشي جو ٿورو ادا ڪيو.
پرڏيهي وزير سان آئي ايل او جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي لاءِ جمهوريه ڪوريا جي اميدوار ڪانگ ڪيونگ وا جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر