اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پاڪستان لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي هُن پار نام نهاد ”لانچ پيڊز“ ۽ ”ٽرننگ“ ڪيمپن جي موجودگي بابت ڀارتي آرمي چيف جي ڪوڙن تبصرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته ڀارتي جنرل جي بي بنياد الزامن ۾ ڪا به نئين ڳالهه نه آهي ڇو ته اهو پاڪستان جي خلاف پروپيگنڊا جو هڪ حصو آهي جيڪو ڀارت ۾ بي جي پي ۽ آر ايس ايس ڳٺ جوڙ جي ذريعي هلايو پيو وڃي. ڀارتي حڪومت پنهنجي ويڙهاڪ ۽ توسيع پسنداڻي ايجنڊا ”اکنڊڀارت“ جي گمراهه ڪن تص??ر تي عمل پيرا آهي، ??يڪو علائقائي امن ??اء?? سنگين خطرو آهي، ??رجمان چيو ته ڀارتي آرمي چيف هندستان جي رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تان عالمي ڌيان هٽائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، ??يڪا وا??اريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي جاري آهي. پاڪستان ڀارت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري ط??ر تي وا??اريل ڪشمير ۾ پنهنجا ظلم ۽ ستم کي روڪي ، ڪشميرن تي ظلم ۽ ستم کي ترڪ ڪري ۽ کين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تحت ۽ ان جي ڪيل واعدن موجب حق خوداراديت کي استعمال ڪرڻ جو حق ڏي، ??رجمان چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورا حل طلب تڪرارن جي پرامن حل ??اء?? ڀارت سان بامعنيٰ ڳالهين جي ??اء?? پرعزم آهيون، تنهن هوندي به اها ذميداري ڀارت تي آهي ته هو ڳالهين جي ??اء?? سازگار ماحول پيدا ڪري.
پاڪستان پاران ڀارتي آرمي چيف جا ڪوڙا تبصرا رد
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر