اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سارڪ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار بابت ڀارتي پرڏ??هي وزارت جي ترجمان جي ڪوڙن دعوائن ۽ تڪراري ريمارڪس کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته سارڪ عمل ۾ ڀارت رڪاوٽ هڪ تسليم ٿيل حقيقت آهي، پاڪستان ??ارتي سازشن جي ڀرپور مخالفت ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ واري امن مخالف ايجنڊا کي بي نقاب ڪندو رهندو. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته پنهنجي متعصباڻي روين ۽ چارٽر جي شقن جون خلاف ورزيون ڪندي ڀارت 2016ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ 19 هين سارڪ سربراهي ڪانفرنس کي روڪڻ جو ذميوار آهي.
ترجمان ??يو ته ڀارت جو جانبداراڻو رويو علائقائي تعاون لاءِ هڪ قابل قدر پليٽ فارم کي تيزي سان غير فعال ڪري رهيو آهي. ترجمان ??يو ته پاڪستان اميد ڪري ٿو ته ڀارت پنهنجي خود غرضاڻي طرز عمل تي نظرثاني ڪندو ۽ ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سارڪ عمل کي اڳتي وڌڻ جي قابل بڻائيندو. هن چيو ته جيڪڏهن ان جي راهه ۾ ايندڙ هٿرادو رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن ته پاڪستان ايندڙ سارڪ سربراهي اجلاس جي ميزباني لاءِ تيار آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارتي عملدارن پاران ??و به مبهم ۽ غلط بياني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي جي لڪائي نٿو سگهي.
ترجمان ??يو ته ڪشميري عوام جي انساني ??قن جي سنگين خلاف ورزين کي 2018ع ۽ 2019ع ۾ گڏيل قومن جي انساني ??قن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس پاران جاري ڪيل ٻن ڪشمير رپورٽن سميت عالمي انساني ??قن جي مشينري وڏي پئماني ??ي دستاويزي شڪل ڏني ??هي. ان ??انسواءِ پاڪستان عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ انساني ??قن جي خلاف ورزين، ڪشميري عوام ۽ پاڪستان ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جي باري ۾ ڪيترائي ڊوزيئرز فراهم ڪيا آهن. ترجمان ??يو ته ڀارت کي رياستي دهشتگردي کي پاليسي طور استعمال ترڪ ڪرڻو پوندو. پاڪستان ??ارتي سازشن جي ڀرپور مخالفت ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ واري ان جي امن مخالف ايجنڊا کي بي نقاب ڪندو رهندو. ترجمان ??يو ته ڀارت کي ڪشميرين جي منصفاڻي، جائز ۽ مقامي جدوجهد جي حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو. ڀارت ڪشميري عوام جي خواهشن جو احترام ڪندي کين گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جو رد نه ڪرڻ جوڳو حق خود اراديت ڏي.