دبئي – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ان حقيقت کان آگاهه آهي ته ڪاروبار ۾ آسانين سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿيندي، پاڪستان پنهنجي عوام کي ڊيجيٽل لحاظ کان بااختيار بڻائڻ جي لا??ِ خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي ته جيئن انهن کي انفارميشن ٽي??نالاجي جي شعبي ۾ معاشي ترقي مان فائدا حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. اسپيشل ٽي??نالاجي زون اٿارٽي جي اهتمام هيٺ سيڙپڪار ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته حڪومت آءِ ٽي جي شعبي کي ترقي ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي لا??ِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن انفارميشن ٽي??نالاجي جي ”فورٿ ريولوشن“ جي چئلينجز کي منهن ڏئي سگهجي. صدر حڪومت جي ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته انهن ڪوششن جي ڪري گذريل سال انفارميشن ٽي??نالاجي برآمدات 50 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي. هن چيو ته پاڪستان 20 ڪروڙ آبادي رکندڙ ملڪ آهي جنهن جي آبادي جو هڪ وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي. هن اڀرندڙ شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ان حقيقت کان آگاهه آهي ته ڪاروبار ۾ آسانين سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿيندي. اسپيشل ٽي??نالاجي زون اٿارٽي تحت آءِ ٽي جي شعبي ۾ بهتري جي لا??ِ ون ونڊو آپريشن ذريعي قانونسازي هڪ اهم قدم آهي. ان سان انفارميشن ٽي??نالاجي فورٿ ريولوشن جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت ڌرين سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي ۽ غيرملڪين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي جي لا??ِ شاندار پاليسيون ٺاهي رهي آهي. ان موقعي تي صدر ٽي??نالاجي ۽ ڊيٽابيس ۾ خاص ڌيان ڏيندي انساني ترقي جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ??يا??ت جو شعبو وڌي ويجهي رهيو آهي جنهن سان معاشي ترقي ٿيندي.
وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ان حقيقت کان آگاهه آهي ته ڪاروبار ۾ آسانين سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿيندي: صدر
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis