اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ??ريشي چيو آهي ته ڀارتي ظلم ۽ بربريت ??ي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين، ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندا. اها ڳالهه هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ??الهائيندي ڪئي، جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران آزاد ڪشمير جي مجموعي صورتحال ۽ تعمير ۽ ترقي جي ايجنڊا تي ڳالهه ٻوله?? ٿي، ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري مخدوم زين قريشي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اطلاعات وارو مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري توصيف عباسي به ان موقعي تي موجود ??ئا.
پرڏيهي وزير سردار عبدالقيوم نيازي کي وزارت عظميٰ، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي منصب سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني،آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي کيس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي تعمير ۽ ترقي لاءِ آئنده جي لائحه عمل کان آگاهه ڪيو ۽ پرڏيهي وزير کي آمريڪا جو ڪامياب دورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي ڪشميرين جي جائز حق، خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندس جدوجهد کي ساراهيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مسئلن کي ترجيحي بينادن تي حل ڪرڻ سان ??ڏوگڏ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن کي منهن ڏيندڙ والاريل ڪشمير جي رهواسين کي درپيش مشڪلاتن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
هن چيو ته اسان ??شميرين جي ان جدوجهد ۾ انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهيون، اسان تازو ئي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلم ۽ ستم ۽ جنگي ڏوهن جي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ”ڊوزيئر“ دنيا جي سامهون پيش ڪيا آهن، شاهه محمود ??ريشي چيوت ه ڀارتي ظلم ۽ بربريت ??ي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين.