اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي بازارن ۽ جانورن جي منڊين ۾ رش کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت جي پاليسين ۽ عوام جي نظم ۽ ضبط سان ڪورونا وبا تي ڪافي حد تائين ضابطو آڻي ورتو آهي، جيڪڏهن وڌيڪ احتياط ڪنداسين ته ان وبا کي مڪمل شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته ڪورونا وائرس جي حوالي سان پاڪس??ان جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي ??هي اها حڪومت جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي ۽ شهرين پاران ڪورونا وبا کان بچاءُ جي ضابطن تي عملدرآمد جي ڪري ممڪن ٿي آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ڪورونا وائرس ۾ اضافو ٿيو. پاڪس??ان ۾ ان وبا تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي. 30 جون کان ان ۾ واضح گهٽتائي ??ئي ??هي ۽ مسلسل گهٽتائي ??چي رهي آهي. هن چيو ته ماڻهن چيو ته موسم جي صورتحال جا وبا جي شدت تي اثر پوندا پر پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪس??ان تي الله جو احسان آهي، حڪومت لاڪ ڊائون ۽ غريب جي لاءِ پاليسيون اختيار ڪيون. ماڻهن کي احساس پروگرام ذريعي رقم فراهم ڪئي وئي ??ه جيئن اهي گهرن ۾ رهي ايس او پيز تي عمل ڪري سگهن، حڪومت پاران جوڙيل ايس او پيز تي عمل ذريعي تراويح نماز ۽ عبادتن جو سلسلو جاري رهيو.
حڪومت جي پاليسين ۽ عوام جي نظم ۽ ضبط سان ڪورونا وبا تي ضابطو آڻي ورتو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی