اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيو آهي ته عالمي بر??دري کي سربريني??يا ۾ 25 سال اڳ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ ۽ قتلام جهڙن واقعن مان سبق سکڻ گهرجي ۽ اهڙن واقعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، اڄ ڪشميري عوام کي ڀارت جي 8 لک فوج يرغمال بڻائي رکيو آهي، خدشو آهي ته اتي به اهڙو افسوسناڪ قتلام نه ٿئي. سربريني??يا ۾ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ جي 25 هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمرا?? خان چيو ته مون کي قتلام جو اه?? ڏينهن چڱي طرح ياد آهي، اه?? واقعو انتهائي ڏک ۽ صدمي جو سبب آهي. هن چيو ته سربريني??يا ڪڏهن گڏيل قومن جي امن فوج جي پرامن جنت ??ئي، اهڙي پرامن جڳهه تي 25 سال اڳ اه?? ڪيئن ممڪن ٿيو، مون کي اڃا به ان ڳالهه جو صدمو آهي ته عالمي بر??دري ان واقعي کي ڪيئن رونما ٿيڻ ڏنو. هن چيو ته اه?? ضروري آهي ته اسان ان واقعي مان سبق سکون، عالمي بر??دري کي مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.
عالمي برادري کي سربرينيشيا ۾ 25 سال اڳ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ ۽ قتلام جهڙن واقعن مان سبق سکڻ گهرجي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن