اسلام آب??د – 28 جون (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران ڪالهه آچر ڏينهن جاري تفصيل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 25013 ٽيسٽ ڪيا ويا جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ 92624 مريض صحتياب ٿي ويا آهن جيڪو نمايان انگ آهي. سڄي ملڪ ۾ 502 مريض وينٽي ليٽر تي آهن جڏهن ته ڪورونا جي مريضن جي لاءِ 1562 وينٽي ليٽر رکيا ويا آهن. ملڪ ۾ 27 جون تي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 4072 رهيو جڏهن ته مج??وعي طور تي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 106213 آهي. هيستائين 202955 ڪيسز سامهون آيا آهن. سنڌ ۾ 78267، پنجاب ۾ 74202، اسلام آب??د ۾ 12395، گلگت بلتستان ۾ 1423، بلوچستان ۾ 10261، خيبرپختونخواهه ۾ 25380 ۽ آزاد ??مون ۽ ڪشمير ۾ 1027 مريض آهن. ڪورونا سبب 27 جون تي 83 ماڻهو فوت ٿيا آهن. جڏهن ته فوت ٿيندڙن جو مج??وعي انگ 4118 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ 1243، پنجاب ۾ 1673، خيبرپختونخواهه ۾ 914، اسلام آب??د ۾ 122، بلوچستان ۾ 144، گلگت بلتستان ۾ 24 ۽ آزاد ??مون ۽ ڪشمير ۾ 28 ماڻهو فوت ٿيا آهن. هيستائين 1239153 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سهولتن وارين 768 اسپتالن ۾ 5342 مريض داخل آهن.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ڪورونا وائرس بابت تازي اپ ڊيٽ جاري
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ