رياض _ 26 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب جي ٽرانسپورٽ جنرل اٿارٽي اسڪول بس ڊرائيورن سان متعلق نوان ضابطه جاري ڪري ڇڏيا آهن . خلاف ورزين تي 500 کان 5 هزار ريال تائين ڏنڊ هوندو . اردو نيوز مطابق ٽرانسپورٽ اٿارٽي جو چوڻ آهي ته اسڪول بسن جي ڊرائيورن لاءِ ضابطن ۾ ترميم ڪئي وئي آهي .جنهن مطابق ??رائيورنگ دوران موبائل استعمال ڪرڻ يا ڪجهه به کائڻ تي 2 هزار ريال ڏ??ڊ لاڳو ڪيو ويندو . اٿارٽي طرفان 81 نوعيت جون خلاف ورزيون جاري ڪيون ويون آهن جنهن تي ڏ??ڊ لاڳو ڪيو ويندو . ضابطن مطابق لائينسن کانسواءِ يا ايڪسچائر پرمٽ تي اسڪول ٽرانسپورٽ هلائڻ جي صورت ۾ 5 هزار ريال ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي . معطل لائينسن يا پرمٽ گاڏي هلائڻ تي 4 هزار ريال جو چالان ڪيو ويندو . ڊرائيور لاءِ لازمي آهي ته هو روزاني جي بنياد تي گاڏي جو معائنو ڪري خلاف ورزي تي هڪ هزار ريال ڏنڊ هوندو . گاڏي ۾ خرابي جي ع??امت ظاهر ٿيڻ باوجود روڊ تي اچڻ جي صورت ۾ هڪ هزار ريال ڏ??ڊ لاڳو ڪيو ويندو . بس ڊرائيور لاءِ لازمي آهي ته شاگردن کي لاهڻ يا بس ۾ سوار ٿيڻ وقت اسٽاپ جي ع??امت کي ظاهر ڪري ، نه ڪرڻ تي هڪ هزار ريال ڏنڊ مقرر ڪيو ويندو جڏهن ته شاگردن جي اسڪول يا رهائشي ع??ارت ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ڊرائيور جي اتان نڪرڻ جي صورت ۾ هڪ هزار ريال چالان ڪيو ويندو .
اسڪول ٽرانسپورٽ جا نوان ضابطه جاري ، خلاف ورزين تي 5 هزار تائين چالان
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا