پئرس-12 جنوري (اي پي پي) عالمي توانائي ??يج??سي (آءِ اي اي) چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ 2023ع ۾ تجديد جوڳي توانائي (ريونيو ايبل انرجي) ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿي ويو. اردو نيوز موجب عالمي توانائي ??يج??سي گذريل ڏينهن بيان ۾ ٻڌايو ته ايندڙ 5 سا?? ۾ ??تبادل توانائي جي پيداوار ۾ وڏو اضافو متوقع آهي. عالمي توانائي ??يج??سي چيو ته دنيا جي توانائي جي نظام ?? گذريل سال شامل ڪيل تجديد جوڳي توانائي ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو، بيان ۾ چيو ويو ته سولر پي وي ذريعي سڄي دنيا ۾ توانائي ۾ ٽيڻ تي اضافو ٿيو، اهڙي طرح 510 گيگاواٽس تائين پهچي وئي. عالمي ??يج??سي موجب چين ۾ گذريل سال سڀ کان وڌيڪ سولر انرجي پيدا ڪئي وئي جيڪا ايتري توانائي جي برابر هئي جيڪا سڄي دنيا ۾ 2022ع ۾ سج جي روشني سان پيدا ڪئي وئي هئي. چين هوا مان حاصل ڪيل توانائي ۾ هر سال 66 سيڪڙو اضافو ڪري رهيو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته يورپ، آمريڪا ۽ برازيل ۾ به گذريل سال رڪارڊ رينيوايبل انرجي پيدا ڪئي وئي. عالمي توانائي ??يج??سي جي سربراهه فاتح بيرول چيو ته موجوده پاليسيون ۽ ??ار??يٽ جي صورتحال اها ظاهر ڪري ٿي ته دنيا ان حوالي سان 2030ع لاءِ ر??يل هدفن کي حاصل ڪرڻ جي رستي تي گامزن آهي.
تجديد جوڳي توانائي ۾ 2023ع ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو: توانائي واري عالمي ايجنسي
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس