بيجنگ-19 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي ات?? اولهه صوبي گانسو ۽ چنگ هاءِ ۾ چين ۾ 6.2 جي شدت جي زلزلي سبب ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا آهن. چين جي خابرو اد??ري ٻُڌايو آهي ته زلزلي سبب گانسو صوبي ۾ فوتين جو ??نگ 105 ۽ چنگهائي ۾ 11 جڏهن ته زخمين جو مجموعي ??نگ 199 آهي. زلزلي سبب هزارين گهرن ۽ ٻين عمارتن کي نق??ان پهتو آهي. ان کان علاوه زلزلي سبب مواصلات، بجلي ـ۽ پاڻيءَ جي فراهمي پڻ متاثر ٿي آهي. چين جي زلزلي ماپيندڙ اد??ري مطابق زلزلو گذريل رات 11 لڳي 59 منٽن تي آيو. زلزلي جو مرڪز چين جو گانسو ۽ چنگهائي صوبن جي سرحد ويجهو زمين جي سطح کان 10 ڪلوميٽرن جي اونهائيءَ ۾ هو. زلزلي سبب حيشان ۾ 6381 گهرن کي نق??ان پهتو. صوبائي ايمرجنسي مئنجمينٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ٻُڌايو ته صبح 8 وڳي تائين 32 آفٽر شاڪس رڪارڊ ڪيا ويا، جن مان وڌيڪ شدت 4 رڪارڊ ڪيئ وئي. زلزلي بعد امدادي عملو تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي مرمت ??اء?? ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي. چين جي صدر شي جن پنگ زلزلي متاثر علائقن ۾ فوري ۽ اثرائتي امدادي ڪاررواين جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
چين ۾ 6.2 جي شدت جو زلزلو، فوتين جو انگ 116 ٿي ويو، جڏهن ته زخمين جو انگ 199، هزارين گهرن کي نقصان، امدادي ڪارروايون جاري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز