رياض -20 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب طرفان غزه جي متاثرن جي مدد لاءِ شروع ٿيل عوامي امدادي مهم ۾ هاڻي تائين 513 ملين ريالن کان وڌيڪ رقم گڏ ٿي چڪي آهي. عرب نيوز مطابق خادم الحرمين ا??شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ج?? هدا??ت تي غزه لاءِ عوامي امدادي مهم جاري آهي ۽ هن وقت تائين فلسطيني ڀائرن لاءِ 513 ملين ريال کان وڌيڪ جي رقم جمع ٿي چڪي آهي. غزه متاثرن لاءِ شروع ڪيل امدادي مهم ۾ سڀ کان پهرين شاهه سلمان بن عبدالعزيز طرفان 30 ملين ريالن جي امداد فراهم ڪ??ي وئي. بعد م ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان طرفنا 20 ملين ريال جمع ڪرايا ويا. مملڪت جي سمورن مسجدن ۾ غزه لاءِ امدادي مهم جي حوالي سان جمعي نماز جي خطبن ۾ امدادي مهم بابت ماڻهن کي آگاهه ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت