اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهيون جمهوري عمل جو اهم جُز آهن، افهام ۽ تفهيم کان پاسو ڪرڻ ۽ ڳالهين کان انڪار ڪرڻ غير جمهوري رويو آهي. اها ڳالهه هن حڪومتي اتحاد ڳالهين واري ڪميٽي ج?? ترجمان ۽ مسلم ليگي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ سندس ط??يع?? پُڇي. هن چيو ته پاڪستان کي هر اعتبار سان استحڪام ۽ گڏيل اتحاد جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ سياسي ه?? آه??گي ضروري آهي. سينيٽر عرفان صديقي، مولانا فضل الرحمان کي ڳالهين واري عمل جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن ديني مدرسن جي رجسٽريشن جي ??عاملي کي احسن طريقي سان سلجهائڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان جي ڪوششن کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : sorteios quina