اسلام ??باد-27 نومبر (اي پي پي) اسلام ??باد پوليس مددگار فورسز فرنٽيئر ڪور، پنجاب رينجرز سميت ٻين ادارن جي مدد سان ڊي چوڪ کان خيبر پلازه، بليو ايريا جي ٻنهي پاسن کي مظاهرين کان خالي ڪر??ئي ورتو آهي، حڪومت جي اثرائتي ??ڪمت عملي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وقت سر ڪاررو??ئي جي ڪري وفاقي حڪومت ۽ راولپنڊي ۾ امن امان مڪمل طور تي ??حال ٿيو ويو آهي. ڪاررو??ئي کانپوءِ اسلام ??باد ۽ راولپنڊي جا سمورا داخلي ۽ خارجي رستا کوليا ويا آهن. موٽر وي ايم 1- (اسلام ??باد کان پشاور)، ايم – 2 (اسلام ??باد کان لاهور)، ايم -3، ايم-4، ايم -5 ۽ لاهور – سيالڪوٽ موٽر وي سميت سمورا رستا هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بحال ڪيا ويا آهن. اهڙي طرح سموريون وڏيون هاءِ ويز ۽ فيض آباد انٽرچينج تان به ڪنٽينر هٽايا ويا آهن. مظاهري سبب متاثر ٿيل تعليمي ادارا 28 نومبر کان معمول موجب کلي ويندا. آفيسن ۾ حاضري مڪمل ٿي وئي آهي ۽ انٽرنيٽ سروس به بحال ڪئي وئي آهي. گهرو وزارت بيلاروس جي صدر ۽ سندس 65 رڪني وفد جي موجودگي دوران حڪومت ريذ زون جي سيڪيورٽي پاڪ فوج جي حوالي ڪري ڇڏي هئي. مظاهرو ڪندڙن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ اسلام ??باد پوليس، ايف سي، پنجاب رينجرز ۽ ٻين فورسز جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي هئي، جنهن ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کانسواءِ امن امان قائم رکيو. گهرو وزير ڪليئر ڪرايل علائقن جو دورو ڪيو ۽ فورسز جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته الله جو شڪر آهي ته شرپسند عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام ??ڻائيندي امن قائم رکندڙ ادارن جي محنت سان پاڪستان جي عوام ??ي ڪاميابي ٿي آهي. هن فوري صف??ئي ۽ رڪاوٽون هٽائڻ جا به حڪم جاري ڪيا. مظاهرن سبب معطل ڪيل موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروسز به آهستي ??هستي ??حيح ٿي رهي آهي.ٽيلي ڪام ڪمپنين وفاقي گادي واري شهر ۽ راولپنڊي ۾ نيٽو رڪ جي مڪمل بحالي لاءِ قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن. انٽرنيٽ جي دستيابي سان ڪاروباري سرگرميون، آن لائن تعليمي نظام ۽ عوامي رابطا ٻيهر بحال ٿي ويا آهن، جنهن تي ??هرين اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. مظاهرين جي ڇڙوڇڙ ٿيڻ کانپوءِ اسلام ??باد ۽ راولپنڊي جي شهرين سک جو ساهه کنيو آهي، بند رستا کلڻ سان روزمره جا معمول بحال ٿي ويا آهن، شهرين حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي حڪمت عملي کي ساراهيندي ان جو ٿورو مڃيو. حڪومت جي ڪامياب حڪمت عملي حڪومت جي دانشمداڻي حڪمي عملي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادرن جي وقت سر ڪاررو??ئي مظاهرن سبب پيدا ٿيل صورتحال کي مڪمل ضابطي ۾ آڻي ورتو. شهرين جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي. جاڙن شهرن ۾ زندگي مڪمل طور تي معمول تي ??چي چڪي آهي.
اسلام آباد پوليس ۽ مددگار فورسز جي اثرائتي ڪارروائي، مظاهرين ڇڙوڇڙ، امن امان بحال، موٽر ويز، هاءِ ويز، داخلي ۽ خارجي رستا کلي ويا
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável