باڪو-21 نومبر (اي پي ??ي) آذربائيجان ۾ رٿيل عالمي فورم ڪوپ 29 جي پڄاڻي تي مو??صل??ت، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ ت??ڪي?? جي ٽرانسپورٽ ۽ انفرااسٽرڪچر واري وزير عبدالقادر يورا لوغلو جي ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اڳ کان موجود ڀائراڻي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ واڌ تي غور ڪيو ويو. وفاقي وزير عبدالعليم خ??ن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ت??ڪي?? جي دوستي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ پختي ايندي. هن چيو ته ت??ڪي?? کان پاڪستان ۾ هر طرح جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين. هن ت??ڪي?? جي وزير کي خاص ڪري پاڪست??ن جي مو??صل??ت جي شعبي ۾ جاري رٿائن کان آگاهه ڪيو ۽ ان ۾ ت??ڪي?? کي سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي. وفاقي وزير عبدالعليم خان آذربائيج??ن جي ڊجيٽل ڊولپمينٽ اينڊ ٽرانسپورٽ واري وزير راشد نبي اوف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ خاص ڪري باڪو ۾ رٿيل ڪوپ 29 جي ڪامياب سيشن کي ساراهيو ويو ۽ آذربائيجان ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪندي آئنده لائحه عمل تي غور ويچار ڪيو ويو. وفاقي وزير عبدالعليم خ??ن جو چوڻ هو ته آذربائيجان ۾ پاڪستاني ڪميونٽي وڏي انگ ۾ تعليم، روزگار ۽ سياحت سان واڳيل آهي، پاڪستان آذربائيجان سان مختلف شعبن ۾ جي ٽو جي سرگرمين ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن باڪو ۾ پنهنجي قيام کي خوشگوار ۽ مثبت قرار ڏنو جنهن ۾ مختلف ملڪن جي وزيرن سان خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو مليو. ت??ڪي?? ۽ آذربائيج??ن جي ٽرانسپورٽ جي وزيرن ڌار ڌار ملاقاتن ۾ پاڪستان کان وفاقي وزير عبدالعليم خ??ن جي اڳواڻي ۾ وفد جي شرڪت کي ساراهيو ۽ کين پنهنجي ملڪن طرفان ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مو??صل??ت واري وفاقي وزير عبدالعليم خان باڪو آذربائيجان ۾ ڪوپ 29 جي فورم ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪندي ٽرانسپورٽ سيشن ۽ ڊجيٽل مڊل ڪوريڊور اينڊ بيانڊ ۾ شرڪت ڪئي ۽ بين لوزارتي رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس ۾ پاڪست??ن جي نمائندگي ڪئي ۽ ??ن جي آذربائيج??ن جي توانائي واري وزير ميڪائيل جيبا روف سان پڻ ملاقات ٿي، جڏهن ته مجموعي طور تي ان دوري ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ مو??صل??ت واري شعبي جي حوالي سان اهم رٿائن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي ترڪيه ۽ آذربائيجان جي وزيرن سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں