راولپنڊي- 20 نومبر (اي پي پي) ??يڪ??ورٽي فورسز بنون ۾ دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ??يڪ??ورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڌماڪيدار مواد سا?? ڀريل گاڏي ٽڪرائجڻ سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 ??يڪ??ورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب 19 نومبر 2024ع تي خوارج بنون جي علائقي ملي خيل ۾ گڏيل چيڪ پوسٽ تي حملي جي ڪوشش ڪئي. جوابي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 خوارجي مارجي ويا. ??يڪ??ورٽي فورسز حملي آورن طرفان پوسٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي جنهن کانپوءِ خوارج ڌماڪيدار مادي سا?? ڀريل هڪ گاڏي کي پوسٽ جي ديوار سا?? ٽڪرائي ڇڏيو. آپگهاتي ڌماڪي سا?? پوسٽ جي حد جي ڀت جو هڪ حصو ڪري پيو ۽ ڀرپاسي جي عمارتن کي نقصان پهتو. ان واقعي ۾ ??يڪ??ورٽي فورسز جا اهلڪار 12 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن ۾ ??يڪ??ورٽي فورسز جا 10 ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا 2 اهلڪار شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ۽ ان ڪڌي عمل جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. پاڪستان جي ??يڪ??ورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ پر??زم آهن. اسان جي بهادر پٽن جون اهي قربانيون اسان جي ??زم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
سيڪيورٽي فورسز بنون ۾ دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، 6 دهشتگرد مارجي ويا، 12 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں