اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته جٽادار ترقي لاءِ علائقائي تعاون ۽ رابطن کي ??ٿي وٺائڻ ضروري آهي، پاڪستان ??لائقائي ترقي، اس??حڪ??م ۽ رابطن کي ??ٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. گذريل ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري اجلاس جي شروعات تي پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ وزيراعظم چيو ته ايس سي او حڪومتي سربراهن جي ڪانفرنس جي ميزباني پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، اسان پنهنجي معزز مهمانن کي اسلام آباد ۾ خوش آمديد چئون ٿا. هن چيو ته ايس سي او ملڪ دنيا جي 40 سيڪڙو آبادي جي نمائندگي ڪن ٿا. هن چيو ته جٽادار ترقي لاءِ علائقائي تعاون ۽ رابطن کي ??ٿي وٺرائڻ ضروري آهي، اڄ جو اجلاس علائقائي تعاون لاءِ اهم موقعو فراهم ڪري رهيو آهي، اسان کي پنهنجي ماڻهن کي بهتر معيار زندگي ۽ سهولتون فراهم ڪرڻيون آهن. معاشي ترقي، اس??حڪ??م ۽ خوشحالي لاءِ اسان کي گڏجي اڳيان وڌڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ??سان کي يقين آهي ته اجلاس ۾ ٿيل نفعو ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون خطي جي عوام لاءِ ڏور رس ثابت ٿينديون. هن چيو ته اسان ??المي منظرنامي ۾ تبديلي ۽ ارتقا کي منهن ڏئي رهيا آهيون، موجوده صورتحال گڏيل قدمن جي گهرجائو آهي، پاڪستان ??لائقائي ترقي، اس??حڪ??م ۽ رابطن کي ??ٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. اسان کي گڏيل ڏاهپ کي ڪتب آڻيندي سياحتي رابطن ۽ ماحول دوست ترقي جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، واپاري رابطن ۾ اضافي لاءِ ڪوششون به ضروري آهن.
جٽادار ترقي لاءِ علائقائي تعاون ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ ضروري آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن