اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران پاليسي ريٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ملڪي معيش?? جي لاءِ خوش آئنده آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراع??م محمد شهباز شريف چيو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان پاڪستاني معيشت تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته ناڻي واڌ جي شرح ۾ تيزي سان ٿيندڙ گهٽتائي جي ڪري وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئ?? ته ايندڙ مهينن ۾ ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته معيش?? جي بحالي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری