اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان پاڪست??ن ۾ ازبڪستان جي سفير اوبيڪ عارف عثمانوف اربع ڏينهن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ?? آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. مملڪتي وزير شزه فاطمه چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ تعاون اهم آهي، پاڪستان ۽ ازبڪستان ٽيڪنالاجي جي ميد??ن ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ازبڪستان جي سفير چيو ته پاڪستان سان آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، چاهيون ٿا ته ازبڪستان جي ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز واري وزارت ۽ پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جو ج??ائ??ٽ ورڪنگ گروپ قائم ٿئي، ازبڪستان پاڪستان سان اسٽارٽ اپس ايڪسچين?? پروگرام شروع ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
آءِ ٽي واري مملڪتي وزير سان ازبڪستان جي سفير جي ملاقات، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis