اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوانن کي جديد تعليم ۽ فني تربيت ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪامن ويلٿ آرٽي فيشل انٽيليجنس ڪنسورشيم ۾ شمولي?? سان پاڪستان جي نوجوانن کي تربيت جا موقعا ملندا ۽ اهي جديد عالمي ايجادن مان فائدو کڻي سگهندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار دولت مشترڪه جي س??ڪر??ٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي قيادت ۾ 5 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزي??اع??م هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م س??ڪر??ٽري جنرل اسڪاٽ لينڊ جي پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري جي آجيان ڪئي. پاڪستان جي سماجي، اقتصادي ۽ جمهوري ادارن جي لاءِ دولت مشترڪه جي مسلسل حمايت کي ساراهيندي وزي??اع??م گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور تي نوجوانن کي بااختيار بڻائن، بهتر گورننس ۽ موسمياتي تبديلي تي دولت مشترڪه سان تعاون جي حڪومت جي خواهش جو ورجاء?? ڪيو. وزي??اع??م چيو ته 30 سالن کان گهٽ عمر جا نوجوان جيڪي پاڪستان جي آبادي جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو آهن انهن کي جديد تعليم ۽ فني تربيت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام پاران کنيل مختلف قدمن تي روشني وڌي ۽ موجوده دور جي هاءِ ٽيڪ عالمي معيشت تائين پاڪستاني نوجوانن جي پهچ ۽ ان شعبي ۾ ترقي جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ دولت مشترڪه سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي حڪومت جي عزم جو ورجاء?? ڪيو. س??ڪر??ٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته وزي??اع??م جي قيادت ۽ ان پروگرام جي سڌوسنئون نگراني وزي??اع??م جي ذاتي دلچسپي ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي قدمن جي عزم جي عڪاسي آهي. سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۽ سڌوسنئون اڳڀرائي ڄاڻڻ جي لاءِ پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ ڪامن ويلٿ جي پرفارمنس مئنيجمينٽ سسٽم جي آڇ ڪئي. هن پاڪستان کي ڪامن ويلٿ آرٽي فيشل انٽيلي جنس ڪنسورشيم ۾ شموليت جي پڻ دعوت ڏني. وزي??اع??م پاڪستان جي سرڪاري شعبي ۾ گورننس ۽ شفافيت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪامن ويلٿ پرفارمنس مئنيجمينٽ سسٽم جو جائزو وٺڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن سي اي آءِ اي ۾ شموليت جي دعوت جي پڻ آجيان ڪئي جتي پاڪستان جي نوجوانن کي تربيت جا موقعا ملندا ۽ اهي ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جهڙي جديد عالمي ايجادن مان فائدو کڻي سگهندا ۽ پاڪستان جي پائيدار اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ بااختيار ٿيندا. وزي??اع??م شهباز شريف موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ کي پاڪستان ۽ ڪامن ويلٿ جي گڏيل ترجيح قرار ڏنو. هن 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي لاءِ س??ڪر??ٽري جنرل جي موسمياتي تبديلي جي لاءِ آواز اٿارڻ ۽ پوري دنيا ۾ مصيبت ۾ ورتل پاڪستانين جو آواز پهچائڻ جي قدمن کي ساراهيو. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان باڪو ۾ ايندڙ ڪوپ – 29 جي موقعي تي پاڪستان جهڙن ملڪن جيڪي موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن جي خطري ۾ ورتل آهن، جي لاءِ وڌيڪ عالمي تعاون کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪامن ويلٿ سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. س??ڪر??ٽري جنرل اسڪاٽ لينڊ ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر تعمير جي لاءِ حڪومت جي ڪو??شن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ تعاون فراهم ڪندي. وزي??اع??م چيو ته هو هلندڙ سال جي آخر ۾ سموا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جو منتظر آهي. ملاقات ۾ وزي??اع??م ۽ دولت مشترڪه جي س??ڪر??ٽري جنرل اهڙي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن جي ذريعي ٻئي ڌريون گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ڪري دولت مشترڪه جي لاءِ هڪ روڊ ميپ تيار ڪري سگهن ٿا. وزي??اع??م س??ڪر??ٽري جنرل اسڪاٽ لينڊ کي تيزي سان تبديل ٿيندڙ عالمي صورتحال ۾ دولت مشترڪه جي معاملن کي ڪاميابي سان هلائڻ تي مبارڪباد ڏني. وزي??اع??م سندس پاڪستان ۾ ڪامياب ۽ لاڀائتي قيام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پي ايم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود ۽ خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.
ڪامن ويلٿ آرٽي فيشل انٽيليجنس ڪنسورشيم ۾ شموليت سان پاڪستان جي نوجوانن کي تربيت جا موقعا ملندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج