اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني م??ام??ن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صحافت جي آزادي بنيادي حق آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ سلب نٿو ڪري سگهجي، چونڊن جي ڪوريج ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا اميدوارن ۽ ووٽرز جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿي، ميڊيا کي ثبوتن تي ٻڌل مستنند معلومات جي فراهمي ۾ غيرجانبداراڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان آبزرور جي چ??ئر??ين فيصل زاهد ملڪ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ميڊيا، ريجنل پريس کي درپيش چئلينجز، 2024ع جي ايندڙ عام چونڊن ۾ ميڊيار جي ڪردار ?? صحافت جي آزادي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني م??ام??ن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران ح??وم?? صحافت جي آزادي پڪو يقين رکي ٿي، صحافت جي آزادي هڪ بنيادي حق آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ سلب نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته چونڊن جي ڪوريج ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا اميدوارن ۽ ووٽرز جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿي، خبرن جي ڪوريج، بحثن ۽ تجزين جي ذريعي ميڊيا عوامي تاثر جوڙي ٿي، ميڊيا کي ثبوتن تي ٻڌل مستنند معلومات جي فراهمي ۾ غيرجانبداراڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني م??ام??ن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ح??وم?? صحافين کي تربيت ۽ فني مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، صحافين ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان موقعي تي پاڪستان آبزرور جي چ??ئر??ين فيصل زاهد ملڪ صحافت جي آزادي ?? صحافين جي ڀلائي لاءِ ح??وم??ي عزم کي ساراهيو.
صحافت جي آزادي بنيادي حق آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ سلب نٿو ڪري سگهجي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج