اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، سعودي عرب سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، ٻئي ڀائر ملڪ مختلف ش??بن ۾ بهترين لاڳاپا رکن ٿا ۽ مختلف علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي انهن جا خيال هڪ جهڙا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سعودي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اس??اف جنرل فياض بن حامد الرويلي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ سعودي سفير نواف بن سعيدالمالڪي پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب واپار، معيشت ۽ دفاع جي ش??بن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي ڇو ته ملڪ ۾زراعت ۽ آءِ ٽي جي ش??بن ۾ سيڙپڪاري جي وڏي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته پاڪستان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جوڙي اهي ته جيئن فيصلاسازي کي تيز ڪرڻ ۽ چار اهم ش??بن ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي ??اء?? ون ونڊو پليٽ فارم طور ڪم ڪري سگهجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سعودي عرب جا مختلف ش??بن ۾ بهترين لاڳاپا آهن ۽ مختلف علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي انهن جا خيال هڪ جهڙا آهن. صدر ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي ??اء?? ٻطرفا اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي ??اء?? پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي فوجي قيادت جي اعليٰ سطحي مٽاسٽا سان دفاعي تعاون کي وڌيڪ هٿي ملندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ويزن کي ساراهيو. هن چيو ته سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي آيا ۽ ان سان خطي ۾ امن ۽ خوشحالي به ايندي. صدر چيو ته سعودي عرب پاڪستان کي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ??اء?? مالي مدد فراهم ڪئي. ان موقعي تي سعودي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اس??اف جنرل فياض بن حامد الرويلي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ م شروع کان ئي مختلف ش??بن ۾ ويجها لاڳاپا آهن. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته سعودي عرب جو ويزن 2030ع پاڙيسري ملڪن سان گڏوگڏ اسلامي دنيا ۾ پڻ خوشحالي آڻيندو.
پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں