اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان محمد ??جمل گوندل مالي سال 2023 – 2022ع جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. ان موقعي تي صدر آڊٽ عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي ج?? استعمال جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته آڊٽ عمل ۾ بهتري سان ملڪ ۾ بهتر گورننس، شفافيت ۽ احتساب جي فروغ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ايوان صدر ۾ صدر کي مالي سال 2023 – 2022ع جي رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي صدر ملڪ ۾ مالي نظم ۽ ضبط برقرا?? رکڻ ۾ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي اداري جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آڊيٽر جنرل ملڪ ۾ آڊٽ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدم کڻي. هن چيو ته آڊيٽر جنرل اداري کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ هدفن جو تعين ڪيو وڃي. آڊيٽر جنرل حڪومت کي بهتر گورننس جي فروغ ۾ ڀرپو?? مدد فراهم ڪري. صدر چيو ته بهتر اندروني ڪنٽرول، ٽيڪنالاجي، آٽوميشن ۽ عالمي معيار موجب آڊٽ جي طريقن کي اختي??ر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
صدر کي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پاران مالي سال 2023 – 2022ع جي رپورٽ پيش
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena