لاهور – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊيزائن لاهور جو دورو ڪ??و. ??در کي اداري ۾ تعليمي سرگرمين، ڪارڪردگي ۽ مخ??لف شعبن ۾ تعيلمي سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي. دوري دوران خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ صدر سان گڏ هئي. دوري جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ورچوئل ۽ آن لائين پليٽ فارمز جي مدد سان پاڪستاني آرٽس، فيشن، ڊيزائن ۽ ٽيڪسٽائيل مصنوعات کي عالمي سطح تي سڃاڻپ ۽ پذيرائي ڏياري سگهجي ٿي. هن چيو ته يونيورسٽيون فارغ ٿيندڙ ??اگ??دن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آن لائين ۽ ورچوئل تعليم تي ڌيان ڏين جنهن سان ??اگ??دن کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ معاشري جو فعال شخص بڻائڻ جي لاءِ شارٽ ڪورسز جي مدد وٺي سگهجي ٿي. صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مخ??صر مدي وارن ڪورسز ذريعي تعليم ڏني پئي وڃي، دنيا ۾ مخ??لف شعبن ۾ ايسوسيئيٽ ڊگري هولڊرز ۽ سرٽيفڪيٽ هولڊر افرادي قوت کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته يونيورسٽيون ??اگ??دن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آئوٽ آف باڪس سوچين ۽ جدت تي ٻڌل طريقا اختيار ڪن، ترقي يافته ملڪن جي يونيورسٽين ۾ و??ي پئماني تي آن لائين تعليم ڏني پئي وڃي، آن لائين تعليم جي مدد سان خرچن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، گهٽ وقت ۾ وڌيڪ ??اگ??دن کي هنرمند بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته يونيورسٽيون ورچوئل ۽ آن لائين پليٽ فارمز تي پنهنجي موجودگي ۾ اضافو ڪن. صدر پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊيزائن جي دوري دوران مخ??لف فيشن مصنوعات جي نمائش جو جائزو پڻ ورتو. هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊيزائن جي انڊسٽري، عالمي يونيورسٽين ۽ ادارن سان رابطي کي پڻ ساراهيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊيزائن لاهور جو دورو
مضمون کا ماخذ : sorteios quina