اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڀاڻي پهرين نومبر تي چين روانو ٿيندو. 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چي?? جو اهو پهريون دورو ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو ??هي. چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي وچ ۾ ازبڪستان ۾ 16 سيپٽمبر 2022ع تي ملاقات ٿي هئي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي 20 هين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽيون ڀيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چي?? جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل ??هي. اعليٰ سطحي وفد به وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ هوندو. وزيراعظم شهباز شريف جو ٻن ڏينه?? جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙيءَ ??هي. وزيراعظم شهباز شريف جي دوري دوران چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ سدا بهادر، آزمايل، اسٽريٽجڪ ??وآ??ريشن پارٽنرشپ جو جائزو وٺندا. ملاقاتون ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع ??هي. دوري جي دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ م??اهدن تي صحيحون ڪرڻ جا به امڪان آهن. دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد ??هي. سي پيڪ جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جو 11 هون اجلاس 27 آڪٽوبر 2022ع تي ٿيو هو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پهرين نومبر تي چين روانو ٿيندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری