اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ذر??ائيجان جي صدر الهام حيدر عليوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ??ذر??ائيجان پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراخدلاڻي امداد تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??ذر??ائيجان پاران 2 ملين ڊالر جي امداد جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان چوماسي دوران معمول کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ برساتن جي ڪري شديد ترين ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي جاني نقصان سان گڏ??گڏ ماڻهن جي ذرائع معاش ۽ انفراسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان په??و آهي. ان جي نتيجي ۾ متاثر ماڻهن کي امداد جي فراهمي ۽ انهن کي محفوظ جاين ??ي منتقل ڪرڻ جون ڪارروايون تمام محدود رهيون آهن. وزيراعظم توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ??ذر??ائيجان سان پاڪستان جي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي پنهنجي پڪي عزم کي ورجايو. پاڪستان ۽ ??ذر??ائيجان گڏيل قومن، او آءِ س?? ۽ اي سي او جهڙن عالمي فورمن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. ??ذر??ائيجان او آءِ س?? جي ڄمون ڪشمير بابت رابطا گروپ جو هڪ اهم ميمبر اهي. ٻنهي ملڪن جي عوام ديني ۽ ثقافتي وابستگي ۽ گهري تاريخي رشتن ۾ ٻڌل آهي.
وزيراعظم جي آذربائيجان جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔