اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بينڪ چيو آهي ته پاڪستان کي آفتن جي خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مالياتي وسيلن ۽ استعداد ۾ اضافي جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ايشيا ترقياتي بينڪ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2010ع ۽ 2015ع ۾ آيل ٻوڏ ملڪ ?? آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ?? آبادگارن کي 32.6 ارب روپين جو نقصان پهچايو جڏهن ته متاثر آبادگارن جي مدد لاءِ حڪومت پاڪستان 6.7 ارب روپيه (67 ملين ڊالر) فراهم ڪيا، جيڪي گهربل رقم جو صرف 18.5 سيڪڙو آهي. رپورٽ ۾ قومي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مينيجمن?? فنڊز جي مالي ?? فني مهارت ۾ اضافو ۽ ان حوالي سان لاجسٽڪ ۽ دائريڪا?? ۾ ??وسيع جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي. 2010ع جي نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ ايڪٽ تحت نيشنل ڊزاسٽر مينيجمن?? فنڊ قائم ڪيو ويو، هر صوبائي حڪومت جي انتظام هيٺ ڊزاسٽر مينيجمن?? فنڊز جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي جنهن جو مقصد متاثر آبادي کي رهائش، خوراڪ، پيئڻ جو صاف پاڻي، طبي امداد ۽ ٻين خرچن کي پورو ڪرڻ آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ مطابق فنڊز کي فعال ڪرڻ، مالياتي طريقيڪار جي بهتر نظام ۽ صوبن ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي طريقيڪار ک?? معياري بنائڻ اهميت رکي ٿو.
پاڪستان کي آفتن جي خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مالياتي وسيلن ۾ اضافي جي ضرورت آهي: ايشيائي ترقياتي بينڪ
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت