اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ پائيدار طرز زندگي اختيار ڪرڻ، قدرتي وسيلن جي حفاظت جي ضر??رت آهي، زمي?? کي بچائڻ لاءِ زرخيز مٽيءَ جي حفاظت يقيني بڻائڻ، عالمي سطح تي تبديلي آڻڻ جي لاءِ حصيداري کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري بيان ۾ صدر چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي لحاظ کان سڀ کان وڌ??ڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، موسمياتي تبديلين سان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام کي سخت چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان تيزي سان پگھڙجندڙ گليشيئرز، غيرمتوقع برساتن ۽ سوڪهڙي کان متاثر ٿيو آهي، نوجوان?? کي ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ بابت تعليم ڏيڻ جي ضر??رت آهي. هن چيو ته بهتر مستقبل جي لاءِ ماحول دوست طرز زندگي اختيار ڪرڻي پوندي، مو?? کي فخر آهي ته ايوان صدر آءِ ايس او کان تصديق ٿيل دنيا جي ماحول دوست ص??ار??ي آفيسن ۾ پهرين پوزيشن تي آهي. صدر عارف علوي چيو ته ايوان صدر هڪ ميگاواٽ جي سولر پاور منصوبي سان نه رڳو پنهنجي بجلي جي ضر??رت?? کي پورو ڪري ٿو پر قومي گرڊ ۾ به بجلي ڏي ٿو. هن چيو ته سمورن ادار?? کي دعوت ڏيان ٿو ته اهي گرين پريزيڊنسي منصوبي مان سکن، توانائي جي بچت ڪن ته جيئن موثر انداز ۾ عوام جي خدمت ڪري سگهجي.
موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ پائيدار طرز زندگي اختيار ڪرڻ، قدرتي وسيلن جي حفاظت جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری