اسلام آباد – 20 – مارچ (ا?? پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڪالهه آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏ پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي وزارت جو ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن پرڏيهي وزير کي پارليامينٽ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين ا??لا?? جي حوالي سان ڪيل انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير مرڪزي ڪانفرنس هال، وفدن جي سهولت لاءِ ٺاهيل ڪائونٽرز، ميڊيڪل سينٽر، ميڊيا سينٽر ۽ مختلف ميٽنگ رومز جو مشاهدو ڪيو ۽ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالها??ين??ي پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي ا??لا?? کانپوءِ، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين ا??لا?? جي ميزباني کي تمام وڏو اعزاز سمجهان ٿو. هن چيو ته اڄ صبح مصر جو پرڏيهي وزير اچي ويو آهي، منهنجي ساڻس ٻطرفي ملاقات پڻ ٿي چڪي آهي، سڀاڻي اڪثر پرڏيهي وزير اچي ويندا. هن چيو ته هن ا??لا?? ۾ مسلمان امت کي درپيش چئلينجز بشمول فلسطين ۽ ڪشمير جي صورتحال پڻ بحث هيٺ ايندي، پاڪستان او آءِ سي جو باني ميمبر هجڻ جي ناطي، او آءِ سي جي پليٽ فارم کي وڌيڪ مستحڪم ڏسڻ چا??ي ٿو، آئون پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪرڻ چا??يان ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف اسان جي ڪوششن جو ثمر ملي رهيو آهي، گڏيل قومن ۾ قرارداد منظور ٿي چڪي آهي، هاڻي انشاءَ الله 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي خصوصي هدايت تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين ا??لا?? ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ ??هم??ن پرڏيهي وزيرن ۽ ٻين وفدن جي سهولت لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏ پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات