اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ح??يم عادل شيخ تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حليم عادل شيخ تي حملو بزدلاڻو فعل آهي، سنڌ ??ڪو??ت جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪرڻ تي کيس انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو پيو وڃي، حليم عادل شيخ سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندو رهندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اڳ ۾ ان کي ??وڙ?? ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو، هاڻي ان تي حملا ڪيا پيا وڃن جيڪو هڪ بزدلاڻو فعل آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو راڳ آلاپيندڙ سنڌ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي آواز کي خاموش ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پوري سنڌ ??ڪو??ت ۽ ??ڪو??تي مشينري پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ح??يم عادل شيخ کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي. اهڙي قسم جون سموريون بزدلاڻيون ڪارروايون صوبائي ??ڪو??ت جي چوڻ تي ڪيون پيون وڃن جن جو مقصد پيپلزپارٽي جي ڪرپشن تي پڙدو وجهڻ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ سنڌ جو انفراسٽرڪچر تباهه حال آهي جڏهن ته تعليمي ادارا چوپائي مال جا واڙا بڻجي چڪا آهن. حليم عادل شيخ سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندو رهندو.
چوڌري فواد حسين پاران سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ تي حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات