اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي غاصباڻي قبضي ۽ گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي خصوصي ياد??ار ٽڪلي جاري ڪري ڇڏي آهي، ان خصوصي ياد??ار ٽڪلي جاري ڪرڻ جو مقصد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارت جي انسانيت دشمن سرگرمين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کان دنيا کي آگا??ه ڪرڻ آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز ۽ پوسٽل سروسز ۽ مواصلات وارو وفاقي ??زير مراد سعيد پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان پوسٽ پاران جاري ٿيندڙ ياد??ار ٽڪلي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي پهرين ڪڙيءَ آهي، ان ياد??ار ٽڪلي جو مقصد دنيا کي اهو باور ڪرائڻ آهي ته ڪيئن ڀارت ڪشمير جي معصوم عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جو راڄ قائم ڪيو آهي، ان جي هي عڪاسي ڪري ٿو، اها ياد??ار ٽڪلي سڄي دنيا ۾ ويندي ماڻهن کي احساس ٿيندو ته ڀارت ڪشميري عوام تي ڪهڙِ طرح ظلم ۽ ڏاڍ جو طوفان برپا ڪري رکيو آهي، وزيراعظم عمران خان جي گڏيل قومن جي تقرير سان شروع ٿيندڙ سفر ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي هڪ نئين روح ڦوڪي آهي، وزيراعظم عمران خان جهڙي طرح چيو ته هو ڪشمير جو سفير ۽ وڪيل بڻجي اهو ڪيس وڙهندو، اهو سفر اڃا جاري آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي ٿيل ڪشمير ۾ ٻيهر ظلم ۽ ڏاڍ جي انتها ڪري ڇڏي آهي.
خصوصي يادگار ٽڪلي جاري ڪرڻ جو مقصد ڪشمير ۾ ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کان دنيا کي آگاهه ڪرڻ آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج