اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ??يگ (ن) جي اڳواڻن چيو آهي ته عمران خان پاران سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل دستاويزن ۾ مني ٽريل جو ثبوت موجود نه آهي ۽ نه ئي اهي دستاويز تصديق ٿيل آهن، اڳ ۾ چوندو هو ته فليٽ خريد ڪيو هاڻي چئي رهيو آهي ته بئنڪ کان مورگيج ??رايو ويو هو ۽ فليٽ جي خريداري ??ي هڪ لک 17 هزار پائونڊ جو ڪو حساب ڪتاب موجود نه آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيڊ واري مملڪتي وزير ??اڪ??ر طارق فضل چوڌري چيو ته ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين عمران خان ۽ تحريڪ انصاف طوفان بدتميزي برپا ڪري ??کيو آهي ۽ چئي رهيو آهي ته وزيراعظم مني ٽريل جي فراهمي ۾ ناڪام رهيو ۽ ٽيڪس چوري ڪئي آهي جڏهن ته عمران خان پاڻ سپريم ڪورٽ کي لکي ڏنو آهي ته مون وٽ فليٽ جي خريداري ۽ رقم جي ادائيگي جا تفصيل ۽ دستاويز موجود نه آهن.
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ