پوگس (تاجڪستان) – 06 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان، افغانستان، تاجڪستان ۽ ڪرغ??ست??ن جي اڳواڻن جو ??ار ملڪي سربراهه اجلاس ٿيو جنهن ۾ 1.2 ارب ڊالر لاڳت جي ڪاسا 1000 بجلي جي منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ اڳواڻن ان منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ جو ع??م ظاهر ڪيو. اهو ??ار ملڪي منصوبو 2018ع تائين ٻن وچ ايشيائي رياستن سان پاڪستان ۽ افغانستان کي 1300 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪندو. وزيراعظم محمد نواز شريف کانسواءِ تاجڪ صدر امام علي رحمانوف، افغان صدر اشرف غني ۽ ڪرغ??ست??ن جي وزيراعظم سوران بي جين بيڪوف ڪاسا 1000 ??ار ملڪي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. انهن اڳواڻن جو اجلاس گادي واري شهر دوشنبي کان 36 ڪلوميٽر پري پهاڙي سياحتي ماڳ پوگس ۾ ٿيو جنهن ۾ ان اهم منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن سان پاڻي وسيلن ذريعي صاف سٿري ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados