اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان ??ان پنهنجي حصيداري ۽ ويجهن دوستاڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ دفاع، توانائي، واپار ۽ اقتصادي شعبن ۾ گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه آذربائيجان جي دفاعي صنعت واري وزير ??او?? جمالوف ??ان وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. ٻنهي طرفن کان واپار ۽ معيش?? جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ ۽ نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ گڏيل وزارتي اجلاس جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ??او?? جمالوف جي آجيان ڪندي وزيراعظم آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ??ان ويجهي ماضي ۾ ڊيووس ۾ ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات